طاھر فقير دڙو

طاھر فقير دڙو: سنڌو تھذيب جو ھي ماڳ ڳوٺ ممڙو جي ڏکڻ- اولھه 1.5 ڪلو ميٽرن تي ڳوٺ ڪارو پير جي اوڀر ۾ ٽن ڪلو ميٽرن ۽ روھڙيءَ کان 57 ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آھي. ھي ماڳ ھڪ واريءَ جي دڙي تي آھي. لڌل وٿن ۾ ٺڪر جا اٺ، ھاٿي ۽ ٻيا جانور آھن. ٺڪراٺو ونڌيل ٺپيل، کرچيل ۽ اڀريل شڪلين سان آھي. ٺڪر جا ڪنا، ٿانون جا ڌڙ، گول ۽ ٽڪنڊا ٿانون جا ترا جن تي ڪارا پٽا نڪتل آھن. هي ماڳ اوائلي سنڌو تهذيب جو ماڳ ليکيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو